شاهه حسين بخاري جو مقبرو

شاهه حسين بخاري جو مقبرو

شاهه حسين بخاري جو مقبرو

شاهه حسين بخاري جو مقبرو: هن نامياري بزرگ بخاري جو مقبرو'>شاهه حسين بخاري جو مقبرو شڪارپور شهر جي يونين ڪائونسل نمبر 2 ۾ صادق علي لائن/ پير گئورو لائن وٽ واقع آهي. هن بزرگ جو تعلق 1162 هجري بمطابق 1748ع سان آهي. سندس مقبرو اسلامي طرز تعمير جو نمونو آهي. مقبرو، هڪ ڪشادي ورانڊي تي مشتمل آهي. ورانڊي جي چوڌاري 3 کان 4 فوٽن جون ونگدار ديوارون ۽ ڪالم ڏنل آهن، کاٻي پاسي جي ڪنڊ تي اندر داخل ٿيڻ لاءِ لنگهه جي ديوار، ورانڊي جي ديوار کان مٿڀري ۽ سهڻي نموني ٺهيل آهي، سموري ديوار تي نيري رنگ جي ڪاشي نصب ٿيل آهن. وچ ۾ هڪ گول ونگ ۽ منجهس ٻي ڪنڊائتي ونگ ڏنل آهي. جنهن جي چوڌاري پڻ جنسار ٿيل آهي. ٻنهي ونگن جي وچ ۾ عربي ۾ ڪلمو شريف لکيل آهي. لنگهه جي مٿان مستطيل ڇڄو آهي. جنهن مٿان گنبذ نما تاج ۽ ٻنهي پاسن کان وچولي ماپ جو هڪ هڪ مٿان مينار آهي. مينار تاج سان ڳنڍيل آهن. ٿوري فاصلي تي ٻنهي طرف کان ٻه ننڍڙيون ميناريون به آهن. لنگهه مان داخل ٿيڻ سان سامهون بزرگ جي مزار آهي، جيڪا پڪسري ٿلهي تي اڏيل آهي. مزار تي ڪنهن به قسم جو ڪٽهڙو ڏنل ڪونهي، نه ئي ڪو جنسار ٿيل آهي. هن مقبري سان گڏ هڪ اوتارو ۽ مقام به آهي. بزرگ سان عقيدت سبب مقامي ماڻهو چڱي تعداد ۾ مقبري تي زيارت ڪرڻ ۽ باسون باسڻ ايندا رهن ٿا.


لفظ شاهه حسين بخاري جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو